نقوي ۽ نوراني ۾ ملاقات، مدرسن کي بند نه ڪرڻ تي اتفاق

نقوي ۽ نوراني ۾ ملاقات، مدرسن کي بند نه ڪرڻ تي اتفاق

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير داخله محسن نقوي سان جمعيت علما پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل علامه شاهه اويس نوراني جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ قومي اتحاد تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو ته بيگناهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي ۽ جن کي بنا ثبوت گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن کي آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ⁠ته ڪنهن به مدرسه کي بند نه ڪيو ويندو، البت شرپسندن خلاف سختي سان ڪارروائي ڪنداسين.محسن نقوي چيو ته قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي، رياست خلاف هٿيار کڻڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه آهي، قائداعظم جي پاڪستان ۾ انتهاپسندي ۽ شرپسندي جي ڪا جاءِ ناهي.وزير داخلہ وڌيڪ چيو ته بدامني ۽ انتشار ڦهلائڻ وارن خلاف سخت سان ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ⁠ته مذهبي هم آهنگي ۽ صبر جي فروغ لاءِ علما ڪرام جو ڪردار قابل تعريف آهي.علامه اويس نوراني چيو ته ملڪ ۾ پائيدار امن، ڀائراڻي فضا ۽ رواداري جي واڌاري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو