نجي شعبي جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو مطالبو

نجي شعبي جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو مطالبو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم نجي شعبي جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته حڪومت جو اڌ بجيٽ وياج ۾ وڃي ٿو، اعليٰ عدالتي حڪمن جي باوجود حڪومت وياج ختم ڪرڻ ۾ سنجيده نه آهي. هن چيو ته نئين بجيٽ ۾ ڪابه نئين شيٰ نه آهي، بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 7 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، جڏهن ته مهانگائي 8 سيڪڙو وڌي، مهانگائي جي دور ۾ نجي شعبي جي لاءِ ڪوبه رليف ناهي ڏنو ويو، پگهارن ۾ ڪوبه اضافو ناهي ڪيو ويو، نجي شعبي جي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو مطالبو ڪريون ٿا.حافظ نعيم چيو ته پيپلز پارٽي جمهوريت جي قاتل آهي، جمهوريت ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي جي ضد آهن، صوبي تي 18 سالن کان پيپلز پارٽي جو قبضو آهي، اندرون سنڌ ۾ ٻارن کي تعليم ۽ صحت ڇو نه پئي ملي، بنيادي صحت مرڪزن جي صورتحال خراب آهي. سنڌ ۾ تعليم، روزگار ۽ صحت جي کوٽ آهي، شهر ۾ سرڪاري پبلڪ ٽرانسپورٽ موجود نه آهي، سوال آهي انهن کان جن ماڻهن ميئر ۽ پيپلز پارٽي کي اسان تي مڙهيو آهي.جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميمبرن جو خريد ۽ وڪرو اسان جي ٽيڪسز جي پئسن مان ڪيو پيو وڃي. پيٽرول تي ليوي جو لاڳو انهن تي ٿي رهيو آهي جيڪي ٽيڪس کان ڇوٽ تي آهن، ليوي انهي لاءِ گهٽ ڪئي وئي ته حدف پورو ڪيو ويو. ليويز جو لاڳو ٿيڻ ناجائز آهي. ليوي کي فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي، حڪومت کي پيٽرول جي قيمت 224 روپيه 3 سالن تائين فڪس ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو