نامعلوم چورن جي فائرنگ ۾ ڀاڳيو قتل، چور فرار

نامعلوم چورن جي فائرنگ ۾ ڀاڳيو قتل، چور فرار

ٺل(عبدالنبي شيخ)باهوکوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا بخش نوناري ۾ نامعلوم چور مزار نوناري جي گهر ۾ گهڙي مينهن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا جتي چورن سان مزاحمت ڪرڻ تي گوليون لڳڻ سبب نوجوان گلزار نوناري موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن چور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع ملندي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪاروائي لاءِ ٺل جي اسپتال اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته پوليس ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، مقتول نوجوان جي وارثن پاران جوابدارن جو پتو لڳائڻ لاء کوجي ڪتن کي گهرايو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو