نامعلوم ماڻهن ٽن ٻارن کي ذبح ڪري ڇڏيو

نامعلوم ماڻهن ٽن ٻارن کي ذبح ڪري ڇڏيو

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئٽا جي علائقي سرياب ۾ نامعلوم ماڻهن 4 ڀائرن ڀينرن کي تيز ڌار اوزار سان ڪهي ڇڏيو.پوليس موجب سرياب جي علائقي غلام رسول مينگل ڦاٽڪ جي رهواسي ڊائريڪٽ آف ايجوڪيشن جي جونيئر ڪلارڪ عطاالله ولد موسيٰ خان جا چار ٻار 5 سالن جو حسنين، 7سالن جي ڪشمالا بي بي، 8 سالن جو زين الله ۽ 10 سالن جي اقصيٰ بي بي گهر ۾ اڪيلا هئا ته نامعلوم ماڻهن چئن ئي ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ذبح ڪري ڇڏيو، 3 ٻارن موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته ڪشمالا کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس کي واقعي جو اطلاع هڪ دڪاندار ڏنو جنهن تي پوليس واردات واري جاءِ تي پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. 

پهنجو تبصرو موڪليو