ناظم آباد مان اغوا ٿيل اڍائي سالن جو اذان گهارو مان بازياب

ناظم آباد مان اغوا ٿيل اڍائي سالن جو اذان گهارو مان بازياب

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڊسٽرڪٽ ويسٽ پوليس نيو ناظم آباد مان اغوا ٿيل اڍائي سالن جي ٻارڙي اذان علي خان کي حفاظت سان بازياب ڪرائي ورتو.ايس ايس پي ويسٽ طارق الاهي مستوئي موجب آذان علي کي 2 ڏينهن اڳ منگهو پير ٿاڻي جي علائقي مان موٽر سائيڪل تي سوار جوابدار مبينه طور تي اغوا ڪري کڻي ويا هئا. واقعي جو ڪيس الزام نمبر 2026-438 قلم اي 364 جي تحت داخل ڪيو ويو هو.پوليس ڳجهي اطلاع تي ٺٽي ڀرسان گهارو ۾ ڪارروائي ڪندي مغوي ٻار کي حفاظت سان بازياب ڪرائي ورتو. اختيارين موجب واقعي واري هنڌان حاصل ڪيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻين شاهدين جي آڌار سان ٻارڙي جي بازيابي ممڪن بنائي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ٻارڙي کي والدين جي حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو معصوم ٻار جي حفاظت سان بازيابي تي ايس ايس پي ويسٽ طارق الاهي مستوئي، ايس ڊي پي او، ايس ايڇ او منگهوپير ٿاڻو ۽ سموري پوليس ٽيم کي شاباش ڏني، جڏهن ته ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم کي تعريف سرٽيفڪيٽ ۽ سي سي فرسٽ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو ته واقعي جي شفاف ۽ جامع جاچ کي يقيني بنائڻ ۽ اغوا ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري انهن جي خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو