ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سيد ناصر حسين شاهه سينيئر صحافي حفيظ بلوچ جي ڀاءُ محمد سهيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کين پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ حفيظ بلوچ سميت مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن کي صبر ۽ حوصلو عطا فرمائي. (آمين)










