ناريءَ کي سرعام حراسان ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو، خاڪو تيار

ناريءَ کي سرعام حراسان ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو، خاڪو تيار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ناريءَ کي سرعام حراسان ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو، پوليس جوابدار جو خاڪو تيار ڪري ورتوآهي،پوليس جوابدار جو خاڪو تيار ڪري گلستان جوهر ۾ ناريءَ کي هراسان ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي پوليس موجب خاڪو سي سي ٽي وي ۽ اکين ڏٺن شاهدن جي مدد سان تيار ڪيو ويو، واقعي بابت 300 ماڻهن کان پڇاڳاڇا به مڪمل ڪئي وئي آهي پوليس طرفان واقعي جي جاچ لاءِ 15 ماڻهن کي حراست ۾ به ورتو ويو، جن ۾ گهٽيءَ جو چوڪيدار ۽ هڪ گهرو ملازم عورت به شامل آهي پولس اختيارين موجب واقعي جي جاچ لاءِ 5 رڪني جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ ايس پي گلشن، 2 ڊي ايس پيز ۽ 2 ايس ايڇ اوز شامل آهن ڪجهه ڏينهن اڳ گلستان جوهر ۾ هزارا ڳوٺ ڀرسان گهٽيءَ مان گذرندڙ ناريءَ تي جنسي حملي جا سي سي ٽي وي فٽيج سامهون آيا هئا ماسڪ پاتل جوابدار گهٽيءَ من گذرندڙ اڪيلي ناريءَ تي جنسي حملي جي ڪوشش ڪئي، ناريءَ جي مزاحمت تي جوابدار فرار ٿي ويو هو

پهنجو تبصرو موڪليو