نابالغ ڇوڪريءَ سان زيادتيءَ ۾ ملوث جوابدار گرفتار

نابالغ ڇوڪريءَ سان زيادتيءَ ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پوليس 15 سالن جي نابالغ ڇوڪريءَ سان زيادتيءَ جي واقعي تي ڪارروائي ڪندي جوابدار مبشر عليءَ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس ٻڌايو ته زيادتيءَ جو شڪار ٿيل ڇوڪريءَ جي عمر 15 سال آهي، متاثره ٻارڙيءَ کي عورت پوليس اهلڪارن جي نگرانيءَ ۾ طبي معائني لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار کي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائيءَ لاءِ جاچ اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي، متاثره ڇوڪريءَ جي طبي معائني جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو