سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳندو، باغي ميمبرن خلاف ريفرنس داخل

سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳندو، باغي ميمبرن خلاف ريفرنس داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صدارت م ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر باغي ميمبرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. اهڙو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي گورنر راڄ جي مخالفت ڪئي ۽ شيخ رشيد ان جي حمايت ڪري رهيو هو. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 186 هيٺ صدر معرفت ائين جي آرٽيڪل 63 اَي جي تشريح لاءِ ريفرنس داخل ڪيو ويندو. اها ڳالهه اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چئي آهي.

هن چيو ته عدالت کان اها وضاحت پڇي ويندي ته ڇا جيڪو ميمبر وفاداري مٽقائڻ جو اعلان ڪري ٿو ان کي ووٽ ڏين کان اڳ نا اهل قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ هن چيو ته عدالت کي روزانو ٻڌڻي ڪري جلد فيصلو ٻڌائڻ جي درخواست ڪئي ويندي. ٻئي پاسي شيخ رسيد جو چوڻ آهي ته سنڌ م گورنر راڄ بابت اڍائي وڳي ٻڌائيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو