نئين سال جي پهرين پوليو مهم اڄ کان شروع

نئين سال جي پهرين پوليو مهم اڄ کان شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ موجوده سال جي پهرين پوليو ويڪسينيشن مهم سومر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ شروع ڪئي وئي.
هي قومي مهم اڪثر شهرن ۾ 2 فيبروري کان 5 فيبروري تائين جاري رهندي، جڏهن ته سنڌ ۾ هي مهم هفتي تائين، يعني 8 فيبروري تائين هلندي. پوليو ٽيمز تي ماضي ۾ ٿيندڙ حملن کي نظر ۾ رکندي مختلف ضلعن ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن.
فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري ايڪس (X) تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو:
“2026 جي پهرين قومي پوليو ويڪسينيشن مهم شروع ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ صحت جا ڪارڪن گهر گهر وڃي رهيا آهن.”
هن زور ڏنو ته: “هي مهم اسان جي ٻارن کي تحفظ ڏيڻ ۽ پوليو کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ ڏانهن هڪ انتهائي اهم قدم آهي.”
فرسٽ ليڊي پنجن سالن يا ان کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي والدين کي اپيل ڪئي ته هو هر ڀيري ويڪسينيشن مهم دوران پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين، ڇاڪاڻ⁠تہ اهو ئي “پوليو کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو واحد طريقو” آهي.
ڪراچي ۾ مهم جي باضابطه افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هن مهم جو مقصد صوبي ۾ هڪ ڪروڙ 5 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ آهي.
هن چيو ته 80 هزار فرنٽ لائن ورڪر سڀني پاڙن جو دورو ڪندا، جڏهن⁠تہ انهن جي حفاظت لاءِ 21 هزار کان وڌيڪ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ هزار کان وڌيڪ عورت پوليس ڪانسٽيبل به شامل آهن.
وڏي وزير چيو: “مان سڀني والدين کي درخواست ٿو ڪريان ته پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ۽ هن معذور ڪندڙ بيماري کان بچائين.”
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پوليو ٽيم ڪنهن گهر تي نه اچي ته والدين ويجهي بنيادي صحت مرڪز (BHU) تي وڃي سگهن ٿا، يا اسسٽنٽ ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر کي اطلاع ڏئي سگهن ٿا.
هن چيو: “اهو اسان لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ صرف ٻه ملڪ آهن جتي اڃا به پوليو موجود آهي ـ افغانستان ۽ پاڪستان.” البته هن واضح ڪيو ته پوليو کان نجات حاصل ڪرڻ جو واحد طريقو ويڪسينيشن آهي.
سنڌ جي وڏي وزير انهن ماڻهن کي به اپيل ڪئي، جيڪي ٻين تي اثر رسوخ رکن ٿا، جهڙوڪ استاد، ٽائون، ميونسپلٽي يا اسيمبلي جي سطح تي چونڊيل نمائندا ۽ سياستدان، ته هو عوام کي آگاهي ڏين.
هن مذهبي عالمن کان پڻ درخواست ڪئي ته هو پوليو ويڪسينيشن بابت عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
مراد علي شاهه چيو: “ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) تصديق ڪئي آهي ته اهي ڦڙا ڪنهن به بيماري جو سبب ناهن بڻجندا.”
هن وڌيڪ چيو: “هي بيماري تمام گهڻي اڇوتي آهي، جيڪڏهن ختم نه ڪئي وئي ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پکڙجي سگهي ٿي. ان ڪري سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان ۽ افغانستان تي آهن.”
سنڌ ۾ هي مهم 30 ضلعن جي 1,490 يونين ڪائونسلن ۾ هلائي ويندي، جنهن دوران مجموعي طور هڪ ڪروڙ 5 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، جن ۾ 89 لک ٻار پنجن سالن کان گهٽ عمر جا آهن.
گذريل هفتي ٿيل هڪ اجلاس ۾ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ملڪ ۾ 2024 دوران پوليو جا 74 ڪيس، 2025 ۾ 31 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن⁠تہ 2026 ۾ هينئر تائين ڪو به ڪيس سامهون نه آيو آهي. سنڌ ۾ 2024 ۾ 23 ۽ 2025 ۾ 9 ڪيس رپورٽ ٿيا.
سرڪاري خبر ايجنسي اي پي پي موجب، ڪراچي ڪمشنر آفيس پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ پوليو مهم جو مقصد 21 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسينيشن ڪرڻ آهي.
رپورٽ موجب، ڪراچي ۾ 22 هزار پوليو ورڪر، 2,700 ايريا انچارج ۽ 267 يونين ڪائونسل ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ 7 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار به مقرر ڪيا ويندا.
سخت سيڪيورٽي انتظام
سومر ڏينهن ملڪ جي ٻين علائقن ۾ پڻ پوليو ويڪسينيشن مهم شروع ڪئي وئي.
اي پي پي موجب اسلام آباد ۾ صحت ٽيمون وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ 4 لک 66 هزار ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف رکن ٿيون.
خيبر پختونخوا ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، جتي ماضي ۾ دهشتگرد پوليو ٽيمز کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن.
ايبٽ آباد ضلعي ۾ 1,768 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
رپورٽ موجب، پوليس ويڪسينيشن ٽيمز جي حفاظت سان گڏوگڏ سرچ آپريشن به ڪندي ۽ شهر ۽ حساس علائقن ۾ موثر چيڪ پوسٽون قائم ڪندي ته جيئن امن امان برقرار رهي.
ٽانڪ ضلعي ۾ پڻ مهم دوران مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
پوليس ترجمان موجب، ويڪسينيشن مهم دوران محفوظ ماحول برقرار رکڻ لاءِ مسلسل نگراني، فيلڊ دورا ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ويجهي رابطي کي يقيني بڻايو ويو آهي.
بم ڊسپوزل يونٽ (BDU) پڻ حساس هنڌن جي مڪمل چڪاس ڪئي.
گذريل هفتي، جڏهن گيٽس فائونڊيشن جو هڪ اعليٰ سطحي وفد اسلام آباد جو دورو ڪيو، تڏهن پاڪستان پوليو ايريڊيڪيشن پروگرام “روڊ ميپ ٽو زيرو پوليو 2026” حاصل ڪرڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو.
وفد سان ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ “جامع حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي ۽ عملي قدم کڻي رهي آهي.”

پهنجو تبصرو موڪليو