نئون  توشا خانه ريفرنس، نيب کان 8 آگسٽ تائين جواب طلب

نئون توشا خانه ريفرنس، نيب کان 8 آگسٽ تائين جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين توشه خانه ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي گرفتاري خلاف ٻڌڻي دوران قومي احتساب بيورو (نيب) کي نوٽيس جاري ڪندي 8آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران عمران خان جي معاون وڪيل انتظار پنجوٽا عدالت کي ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ ۽ بشرا بي بي جسماني رمانڊ تي آهن.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس رڳو زيورن جي حد تائين آهي، نيب توهان کان اڳ زيورن جو هڪ سيٽ گهريو پر توهان نه ڏنو، اڃا توهان تحفا نٿا ڏئي رهيا آهيو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته توهان پاڻ انتهائي خطرناڪ ڪم ڪري رهيا آهيو، پهرين پنهنجي نيڪ نيت ثابت ڪريو، ڇا اهو سچ آهي ته توهان جاچ ۾ شامل نه ٿي رهيا آهيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 8 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو