اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي پارٽي جي قائد نوازشريف جي ڏيهه ورڻ تي آسان بنائڻ لاءِ لاڳاپيل قانون سازي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو طبي بنيادن تي لنڊن ۾ آهي ميڊيا رپورٽ مطابق رانا ثناءُالله پهريان ئي چئي چڪو آهي ته گڏيل حڪومت ڪجهه اهڙيون ترميمون ڪري سگهي ٿي جنهن سان نوازشريف تي پاناما پيپرز ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ذريعي لڳل پابندي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي اندرين ذريعن ٻڌايو ته پارليامينٽ سياستدانن تي سڄي ڄمار لاءِ پابندي کي ڪالعدم ڪري سگهي ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته عدالت ان کي لاڳو نه ڪري سگهي ذريعن چيو ته جيڪڏهن قانونسازي کي پارليامينٽ ۾ آندو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ ان کي منظور ڪيو وڃي ٿو ته نتيجي ۾ ان جو فائدو نوازشريف کي ٿيندو هن چيو ته هن قانون کي متعارف ڪرائڻ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران سپريم ڪورٽ ۾سياستدانن تي تاحيات پابندي کي چئلينج ڪندڙ درخواست جي نتيجن سان ڳنڍيل هوندو هن کان اڳ مسلم ليگ (ن)جي نائب صدر مريم نواز اشارو ڏنو هو ته سندس والد واپس اچڻچاهي ٿو جڏهن ته واپسي ۾ ڪجهه مسئلا رنڊڪ بڻيل آهن خانگي ٽي وي مطابق اپريل ۾ شهبازشريف جي وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جا ڪجهه اڳواڻ ان اميد سان هئا هاڻي سندن پارٽي اڳواڻ جلد ئي سندن وچ ۾ هوندو جڏهن ته قانوني رنڊڪون سندس واپسي جي رستي ۾ سب کان وڏي رڪاوٽ آهي ذريعن مطابق نوازشريف ٿي سگهي ٿو ته عام چونڊن کان اڳ پاڪستان واپس اچي سگهي ٿو ڇو ته (ن) ليگ جي اڳاوڻن جو خيال آهي ته سياسي ميدان ۾ پي ٽي ائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ان جي موجودگي ضروري آهي هلندڙ سال اپريل ۾ وزيراعظم جي عهدي تان هٽايل پي ٽي آئي چيئرمين جي وڌندڙ قبوليت سبب پوري مسلم ليگ (ن) جي قيادت ان ڳالهه تي متفق آهي ته جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي کي فتح حاصل ڪرڻي آهي ته چونڊن کان اڳ نوازشريف جي نوازشريف جو پاڪستان ۾ هجن ضروري آهي. پنجاب ۾ گذريل مهيني ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾شرمناڪ شڪست پارٽي اندر ان خيال کي هٿي بخشي آهي ته مريم نواز ۽ شهبازشريف جهڙي ٻئي درجي جي قيادت عمران خان جي سياسي قد جو مقابلو نٿي ڪري سگهي. مريم نواز جي جارحاڻي چونڊ مهم جي باوجود 22 جولاءِ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾مسلمليگ (ن) کي شڪست ٿي جنهن جي نتيجي ۾ کيس پنجاب جي حڪومت تان هٿ ڌوئڻا پيا ذريعن جوچوڻ آهي ته (ن) ليگ جي سينيئر قيادت جو خيال آهي ته سياسي ميدان ۾ رڳو نوازشريف عمران خان تي ضابطو آڻي سگهي ٿو گهرو وزير رانا ثناءُالله نوازشريف جي جلد واپس اچڻ بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو اهي جڏهن ته هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته نوازشريف ايندڙ عام چونڊن کان اڳ پارٽي جي مهم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ واپس اچي ويندو.










