لاهور (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ن ليگ جي 7 ميمبرن پنهنجا ووٽ مريم نواز جي چوڻ تي ضايع ڪيا.گذريل ڏينهن ٿيندڙ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي کي 48 ووٽ جڏهن ته اپوزيشن جي اميدوار يوسف رضا گيلاني 42 ووٽ حاصل ڪري سگهيو هو. يوسف رضا گيلاني کي پوندڙ 7 ووٽ رد ڪيا ويا هئا.يوسف رضا گيلاني جي شڪست تي پنجاب جي جيل کاتي واري وزير فياض الحسن چوهان پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ن ليگي ميمبرن پنهنجا ووٽ مريم نواز جي چوڻ تي ضايع ڪيا. فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ هو ته ليگي ميمبرن جو ووٽ ضايع ڪرڻ جو مقصد آل زرداري جي چالاڪين جو جواب ڏيڻو هو.










