ن ليگ صورتحال نه سنڀالي ها ته ملڪ ڊفالٽ ٿي وڃي ها

ن ليگ صورتحال نه سنڀالي ها ته ملڪ ڊفالٽ ٿي وڃي ها

نارووال(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته هر فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو وڃي، جيڪڏهن مسلم ليگ ن صورتحال نه سنڀالي ها ته ملڪ ڊفالٽ ٿي وڃي ها.نارووال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان تيزيءَ سان ترقي طرف وڌي رهيو آهي.سندس چوڻ آهي ته 4 سالن ۾ ترقي بدران رڳو انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون.وفاقي وزير چيو ته نون منصوبن بدران ماضي ۾ نفرتن جا ٻج پوکيا ويا.هن چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، اسان ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ نه ڏنو جڏهن ته چيئرمين پي ٽي آءِ جي نااهلي سان ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي.وفاقي وزير احسن اقبال جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.هن جو اهو به چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف هميشه پنهنجي اتحادين کي هر فيصلي ۾ شامل ڪيو، بجيٽ جي تياري ۾ سمورا اتحادي به شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو