مڪمل لنڊن پلان سامهون اچي ويو آهي، عمران خان

مڪمل لنڊن پلان سامهون اچي ويو آهي، عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته مڪمل لنڊن پلان سامهون اچي ويو آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته منهنجي گرفتاري کانپوءِ جيڪي پرتشدد واقعا پيش آيا، ان کي هاڻي بغاوت جو ڪيس قائم ڪرڻ لاءِ بهانو بڻايو ويندو ته جيئن مون کي 10 سال جيل ۾ رکي سگهجي.عمران خان موجب ان منصوبي تحت سندس گهرواري بشرا بيگم کي جيل ۾ وجهي بي عزتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.عمران خان الزام هنيو ته حڪمرانن جج، جيوري ۽ جلاد جو ڪردار نڀايو آهي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ ٻاهران جي يو آءِ (ف) جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي، ان جو مقصد رڳو اهو آهي ته چيف جسٽس آئين موجب فيصلو نه ڏئي.عمران خان وڌيڪ چيو ته هو رت جي آخري قطري تائين وڙهندا، غلامي کان سندس موت بهتر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو