مڙس خلاف طلاقيل زال جو احتجاج، انصاف جي گهر

مڙس خلاف طلاقيل زال جو احتجاج، انصاف جي گهر

ٽنڊومحمدخان(لال بخش سٺيو)ڳوٺ حاجي فيض محمد لنڊ جي رهواسڻ پنهنجي معصوم ٻارن ۽ پيرسن ماءُ پيءُ سميت مڙس خلاف احتجاج ڪندي انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. احتجاج ڪندڙ عورت صفينه لنڊ دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي مڙس صدام ولد جُڙيو لنڊ مون کي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي ۽ ٻارن جو خرچ به نٿو ڏي جنهن جي ڪري ٻارن جي گذر بسر لاءِ سخت پريشاني ٿي رهي آهي، هن ٻڌايو ته مڙس ڏاج ۾ مليل سون ۽ ٻيو سامان به نٿو ڏي، منهنجي ڀاءُ کان منهنجي مڙس قرض طور پئسا ورتا جيڪي گهرڻ تان هُن مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو ۽ منهنجي گهروارن کي پئسا گهرڻ تي جان تان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته اسان مقامي ٿاڻي تي به وياسين جتي اسان جي فرياد ڪنهن به نه ٻڌي، علائقي جي معززين فيصلو ڪيو جنهن ۾ منهنجي مڙس تي سوني ڦُلي ۽ 52000 هزار روپيه ثابت ٿيا پر مڙس ۽ ڏير پئسا ڏيڻ بجاءِ ماٺ رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان سميت ٻين وس وارين اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو