مٽياري (ن س )مٽياري ڀرسان ڳوٺ ۾ 4 ڏينهن دوران 6 ٻار خسرو وگهي فوت ٿي ويا.وارثن الزام هنيو آهي ته وڌيڪ 4 ٻارڙا بيمار آهن پر هن وقت تائين سندن علاج شروع نه ڪيو ويو آهي.ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) مٽياري جو چوڻ آهي ته اطلاع تي مومڪا هيلٿ جون ٽيمون روانا ڪيون ويون، موهن جو دڙو صحت جي ٽيمن ٻارن کي ويڪسين لڳائي ڇڏي آهي، ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي انڪوائري ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي.ڊي سي وڌيڪ چيو ته جتي هي موت واقع ٿيا آهن انهن پنهنجن ٻارن کي ٽڪا نه لڳايا هئا.










