ميٽرڪ ۽ انٽر جا نتيجا جولاءِ ۾ ئي جاري ٿيندا

ميٽرڪ ۽ انٽر جا نتيجا جولاءِ ۾ ئي جاري ٿيندا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جي نتيجن جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جامعت ۽ تعليمي بورڊن جي وزير اسماعيل راهو جي صدارت ۾ سمورن تعليمي بورڊن جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جي سالياني امتحاني عمل جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران سمورن تعليمي بورڊن جي اختيارين جامعت جي وزير کي پنهنجي پنهنجي ڊويزنن ۾ ٿيل امتحاني عمل بابت بريفنگ ڏني,
اسماعيل راهو چيو ته سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾ ميٽرڪ جا نتيجا 10 جولاءِ تائين ۽ انٽرميڊيئيٽ جا نتيجا 31 جولاءِ تائين جاري ڪيا وڃن، نتيجا مقرر وقت تي جاري ڪيا وڃن ته جيئن شاگردن کي وقت سر داخلائن (ايڊميشن) ۾ سهولت ملي، جڏهن ته تعليمي بورڊن ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ امتحاني نظام جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين.
اجلاس دوران جامعت جي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي بورڊ نائين ۽ يارهين ڪلاس جا نتيجا 31 آگسٽ تائين جاري ڪري ڇڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو