ميرپورخاص ۾ ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ڊرائيور فوت، 14 مسافر زخمي

ميرپورخاص ۾ ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ڊرائيور فوت، 14 مسافر زخمي

ميرپورخاص:(ن س) ميرپورخاص جي سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد رنگ روڊ تي ڪراچي کان عمرڪوٽ ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ جو ڊرائيور محبوب آريسر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 14 مسافر زخمي ٿي پيا.حادثي سبب پوءِ پويان ايندڙ هڪ چنگچي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل سوار پڻ ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويا، جنهن سبب وڌيڪ افراتفري پکڙجي وئي. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمين کي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو.زخمين ۾ جاويد، محمد هاشم، ابراهيم، شاهد، نور محمد سميت ٻيا مسافر شامل آهن، جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. سول اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ موجب ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني پئي پئي وڃي،پوليس موجب حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، فوتي ڊرائيور محبوب آريسر جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويندو. حادثي سبب ڪجهه وقت لاءِ رنگ روڊ تي ٽريفڪ جي روانگي پڻ متاثر رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو