ميرواهه گورچاڻي (ن س)ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لالا رانگڙ ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي معمولي ڳالهه تان رانگڙ ۽ ميواتي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هوائي فائرنگ ۽ لٺين جي وسڪاري سبب ٻنهي ڌرين جا لڳ ڀڳ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن ، زخمين ۾ راجپوت برادري جا عبدالوهاب ولد رياض احمد راجپوت، علي رضا ولد عاشق راجپوت، رضوان ولد عاشق راجپوت، ناز محمد ولد الياس راجپوت، جڏهنتہ ميواتي برادري جا يار محمد ولد جان محمد ميواتي، اسامہ ولد محمد عمر، اسلام ولد شوڪت، انس ولد صابر علي، شرافت، لياقت، فرحان ۽ ٻيا شامل آهن.اطلاع ملندي ئي ميرواهه گورچاڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي ۽زخمين کي ترت کڻائي تعلقه اسپتال ميرواهه گورچاڻي منتقل ڪيو، جتي ٻنهي ڌرين جي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جهيڙي سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ ڇانئجي ويو آهي، جڏهنتہ ميرواهه گورچاڻي پوليس موجب، هن وقت تائين ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.










