مير رضا جي قتل جي جاچ لاءِ 5 رڪني ٽيم قائم

مير رضا جي قتل جي جاچ لاءِ 5 رڪني ٽيم قائم

ڪراچي (رپورٽر): ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا جي قبر ڪشائي کان پوءِ جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي سربراهي ڊي آءِ جي عامر فاروقي ڪندو.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي جو سيڪريٽري ايس ايس پي، آر آر ايف علي رضا هوندو، جڏهن ته ٽيم جي ميمبرن ۾ ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي قيص خان، ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل انعم تجمل ۽ ايس آءِ او زمان ٽائون چوڌري غضنفر شامل آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، تحقيقاتي ٽيم واقعي جي سڀني پاسن کان جاچ ڪندي، جڏهن ته نئين ڪميٽي جو پهريون اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ نوجوان تاجر مير رضا عليءَ جي قتل خلاف مقتول جي دوستن ۽ ساٿين پاران شاهراهه فيصل تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.احتجاج سبب شاهراهه فيصل تي نرسري وٽان بلوچ ڪالوني ڏانهن ويندڙ رستو ٽرئفڪ لاءِ متاثر ٿيو ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جنهن ڪري شهرين کي آمدورفت ۾ شديد مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو.مظاهرين مير رضا عليءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ نعريبازي ڪئي ۽ حڪومت توڙي پوليس کان مطالبو ڪيو ته قتل جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.احتجاج دوران ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچڻ ۽ ٽرافڪ جي صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري موقعي تي موجود رهي، جنهن گاڏين جي روڊ تي رواني بحال ڪرائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو