ڪراچي (اسٽاف پورٽر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 15 جون تي سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين، وائيس چيئرمين سميت سمورن ڪائونسلرز جي سربراهن جي چونڊن لاءِ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سمورن چونديل مڪاني نمائندن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو وڃي اليڪسن ڪميشن پاران جاري ٿيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته 15 جون تي سمورن گرفتار چونڊيل نمائندن جي هيڊ آف ڪائونسلرز جي چونڊن ۾ حاضري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ کين پروڊڪشن آرڊر تحت ووٽ وجهڻ لاءِ حاضر ڪيو وڃي سنڌ جي چيف اليڪشن ڪمشنر پاران لکيل خط ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سمورن چونڊن نمائندن جي حاضري اليڪشن واري ڏينهن يقيني بڻايو اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جي مڪمل پاسداري ڪئي وڃي ۽ صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ سمورن چونڊيل نمائندن جي موجودگي جا انتظام ڪيا وڃن.










