سکر (بيورو رپورٽ ) ملتان کان ڪراچي ويندڙ هڪ ڪار جيڪا تيز رفتار سان اچي رهي هئي ته روهڙي جي نزديڪ سانگي موڙ وٽ ڪنٽرول نه ڪرڻ ڪري ڪلٽي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار محمد عامر ولد عبدلرزاق عمر 23 سال ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ ٻه عورتون سدرا مصطفيٰ عمر 22 سال ۽ منظوران بي بي زال غلام مصطفيٰ عمر 55 سال جيڪي سخت زخمي ٿي پيا انهن کي نزديڪي اسپتال پهچايو ويو جتي منظوران بي بي به زخمن جا سور برداشت نه ڪرڻ ڪري فوت ٿي وئي. ٻڌايو ٿو وڃي ته مسافر ساهيوال جا رهواسي هئا فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي علائقي ساهيوال روانا ڪيا ويندا.










