گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) ڪلر ڳوٺ ڀرسان کير وڪرو ڪندڙ پورهيت نوجوان رب نواز ميمڻ کان جوابدار جاويد، شڪيل احمد، بابو ۽ ٻين پاران موٽرسائيڪل کسڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس 4 مڻ کير هاري فرار ٿي ويا. اهڙي عمل خلاف ميمڻ برادري جي ماڻهن پاران رب نواز، نظير احمد، غلام علي، احسان علي، محمد بخش، محمد نواز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڄاڻايل جوابدارن ڏاڍ مڙسي ڪري اسان جي نوجوان کان 13 هزار روڪ به کسي ويا آهن.جڏهن ته موٽرسائيڪل به کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوليس محمد بخش ميمڻ جي فرياد تي جوابدارن خلاف اين سي اداخل ڪري ورتي آهي.










