ٺاروشاھ (ن سنڌيار)سنڌ جي نامور مذهبي اڳواڻ ۽ اتحاد بین المسلمین جي داعي مولانا جان محمد ونگاني جي تدفين ايران جي مشھور شهر قم ۾ ٿي گذري جڏهن ته نماز جنازہ حرم بیبي فاطمه معصومه سلام الله عليها ۾ آيت الله العظمىٰ سيد علوي بروجردي جي اقتداء ۾ ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ عالمن سڳورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔نماز جنازہ کانپوء قبرستان بھشت حضرت بيبي معصومه سلام الله علیها قم ۾ علماء ۽ فضلا جي حصي ۾ تدفين ڪئي ويئي جنازہ نماز ۾ مسئول دفتر قائد ملت جعفریه پاڪستان قم المقدسه ، علامه ظفر علي شاهه نقوي، مسئول شعبه زائرين سيد ناصر عباس انقلابي، سابق مسئول دفتر قائد ملت علامه محمد شریف لغاری، مدیر مدرسه المهدي عج مولانا مختار رحیمي، مسئول جامعه روحانيت سنڌ فدا حسين يزداني، وسید علي حسين شاهه، مدرس جامعه علميه ڪراچي سيد محمد تقي شاهه، انچارج شعبه زائرين حرم حضرت معصومه قم، علامه سید شفقت عباس انقلابي، دانشگاهه جعفریه واگھریجي ، مولانا محمد امين لغاري ، مدیر آموزش مدرسه القائم مولانا رياض حسين پتافي ، مولانا نائب علي ڪمیلي سميت سنڌ، پنجاب بلوچستان، گلگت بلتستان کان سوين عالمن ۽ فاضلن شرڪت ڪئي آخر ۾ مرحوم جي خاندان سان حسینیه ابوالفضل قم نو ۾ تعزیت ڪئي ويئي ٻئي طرف نوشهرو فیروز جي قریب مولانا جان محمد ونگاڻيء جي اباڻي ڳوٺ ڇٽو ونگاڻي ۾ تڏو وڇايو ويو ۽ سندس وڏي فرزند دوست علي ونگاڻي سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي جنهن ۾ علائقي جي معززین سیاسي مذهبي سماجي شخصيات سميت ادیب شاعر ۽ صحافي حضرات وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڊاڪٽر خادم حسین ، ڊاڪٽر امداد علي میمڻ اعجاز ممنائي خادم سیال انجنیئر محمد علي ميمڻ استاد منظور علي ۽ ٻيا شامل ھئا یاد رهي ته مولانا جان محمد ونگاڻي قائد علامه سيد ساجد علي نقوي جو پراڻو ساٿي، مدرسه امام مهدي عج نوشهروفيروز جو سرپرست اعليٰ شيعہ علماء کاؤنسل صوبہ سنڌ جو نائب صدر پڻ رهيو پاڻ گذريل ڏينهن ایران جي زیارات مقدسات لاء وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ کيس ساهه جي تڪليف ٿي پئي جنهنڪري کيس اتان جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هو زندگيء جي جنگ هارائي ويٺو ۽ مالڪ حقيقيء سان وڃي مليو۔










