مورو واقعو، عدالتي جاچ بابت  درخواست رد،پوليس ڪميٽي کي جاچ جي هدايت

مورو واقعو، عدالتي جاچ بابت درخواست رد،پوليس ڪميٽي کي جاچ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچ ۾ مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني آئيني بينچ ڪئي، عدالت مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ ڪميٽي جوڙي آهي ان کي ڏسو ، درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت مليل آهي، عدالت سنڌ حڪومت کي جوڙيل ڪميٽي بابت جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،عدالت چيو ته جيڪڏهن ان مان اوهان مطمعين نه ٿيو ته ٻيھر اپيل ۾ اچو ، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته انڪواري لاء ڪو ٽائم پيرڊ ڏيو ، عدالت انڪار ڪري ڇڏيو ، درخواست مورو واسي قربان لغاري داخل ڪئي هئي عدالت ۾ وڪيل ڪي بي لغاري ، عامر نواز وڙائچ ، اشرف سمون ، عاقب راڄپر ، گل حسن ڀنڀرو ، حسيب پنهور ، مريد علي شاھ ، غلام رسول سهو ء ٻيا وڪيل پيش ٿيا

پهنجو تبصرو موڪليو