مورو لڳ ڪوچ ڦريندڙن سان پوليس مقابلو، هڪ گرفتار

مورو لڳ ڪوچ ڦريندڙن سان پوليس مقابلو، هڪ گرفتار

نوشھرو فيروز  (رپورٽ منظور ملڪ) مورو ويجھو نوان جتوئي روڊ تي مبينا پوليس مقابلو ھڪ ڦورو آصف علي ولد محمد وزير خان ڊومڪي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏني وئي ۽ وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي ان موقعي تي ايس ايڇ او درس محمد رفيق ٻوھيو ٻڌايو ته اسان کي گشت دوران اطلاع مليو ته نوان جتوئي ڪيلا پڪٽ وٽ ڦر ٿي رھي آھي پھچڻ شرط مقابلو ٿيو جنھن ۾ ھڪ جوابدار ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو ۽ ٻيا ڦورو فرار ٿي ويا زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار آصف علي ڊومڪي بلوچستان جي ضلعي جعفر آباد جي شھر اوستا محمد جي مراد ڪالوني جو رھواسي آھي جنھن مٿان ڪيترائي ڪيس داخل آھن جن ۾ هو روپوش آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو