مودي جو والاريل ڪشمير جو دورو، وادي ۾ مڪمل هڙتال

مودي جو والاريل ڪشمير جو دورو، وادي ۾ مڪمل هڙتال

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي سري نگر دوري جي موقعي تي ايل او سي جي ٻنهي پاسن تي اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.ڪشمير ميڊيا سروس (ڪي ايم ايس) موجب والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي وزيراعظم مودي جي دوري جي موقعي تي وادي ۾ مڪمل هڙتال هوندي، هڙتال جو سڏ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس طرفان ڏنو ويو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ حريت ڪانفرنس چيو ته ڪشميري والاريل وادي تي ڀارت جي غير قانوني قبضي کي رد ڪن ٿا، جڏهن ته نريندر مودي جي دوري تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته اسلام آباد سميت آزاد ڪشمير جي سمورن شهرن ۾ ڀارت خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. سردار تنوير الياس جو چوڻ آهي ته ڀارتي امن سڄي خطي لاءِ خطري ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو