لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻن جو اهم اجلاس اڄ لاهور ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف جي قيادت هيٺ سمورا ليگي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سميت سينئر صوبائي وزير به شامل ٿيندا.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ(ن) طرفان سموري سينئر قيادت کي لاهور طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) ليگل ٽيم پارٽي صدر کي اجلاس ۾ موجوده قانوني صورتحال تي بريفنگ ڏيندي، اجلاس پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ منعقد ڪيو ويندو.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اتحادي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ سميت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي باري ۾ مشاورت ڪئي ويندي، سمورن اڳواڻن جي مشاورت کان پوءِ پارٽي جو آئنده جو لائحه عمل ترتيب ڏنو ويندو.










