اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين ۾ ڊيد لاڪ بعد سيل ڪيل شهر کي کوليو ويو آهي. ضلعي انتظاميا چيو آهي ته شهر وڏي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي ۽ ڪوچز جا اڏا به بحال ڪيا ويا آهن. ريڊ زون ۾ سيڪورٽي معمول موجب جاري رهندي باقي شهر جا بند روڊ به کوليا ويا آهن. گذريل هڪ هفتا کان مٿي عرصي کان شهر ۾ وڏي ٽريفڪ معطل ڪئي وئي هئي، جنهن سبب اسلام آباد ايندڙ ڪوچز مسافرن جي بڪنگ ئي بند ڪري ڇڏي هئي. ميٽرو سروس به بحال ڪئي وئي آهي.










