ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ منگهي پير ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڊي آءِ جي سي آءِ اي شرجيل کرل جي سربراهي ۾ ڪميٽي جاچ عمل جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.ڪراچي پوليس جي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جو ايس ايس پي جنيد شيخ ۽ ايس ايس پي ذيشان صديقي، ڊي ايس پي ممتاز مگسي، نعيم احمد ۽ ايس ايڇ او ايس آءِ يو شبير حسين ڪميٽي ۾ شامل آهن. 6 رڪني ڪميٽي واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪندي. آءِ جي سنڌ 10 ڏينهن ۾ ڪميٽي کان مڪمل تفصيلن سان گڏ رپورٽ طلب ڪئي آهي. واضح رهي ته منگهي پير ۾ اشاري تي نه بيهڻ جي پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪري ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان مارجي ويو ۽ سندس دوست زخمي ٿيو هو.










