لاهور ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس مان آجا ٿي ويا آهن. اسپيشل سينٽرل ڪورٽ لاهور مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي بريت جو فيصلو ٻڌايو .يارنهن آڪٽوبر تي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي وڪيلن کي اڄ دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اڪائونٽ ۾ سڌو سنئون پئسا جمع ٿيڻ يا ڪڍرائڻ جا ثبوت ناهن مليا.اڄ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيل ٻڌايو ته جاچ آفيسر شاهدن جا بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 161 واري بيان ۾ ڪنهن شاهد شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جو ذڪر ناهي ڪيو، دليل لکت ۾ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. شهباز شريف جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو جيڪو پوءِ ٻڌايو ويو.










