منهنجي اداري ۾ 20 ارب کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي: سعيد غني

منهنجي اداري ۾ 20 ارب کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) محنت ۽ افرادي قوت واري وزير سعيد غني اعتراف ڪيو آهي ته سندس اداري ۾ 20 ارب روپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي آهي. گذريل ڏينهن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ ”هوم بيسڊ وومن ورڪرز فيڊريشن“ جي تحت منعقد ٿيل آل پاڪستان وومن ورڪرز ڪانفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي سعيد غني انڪشاف ڪيو ته منهنجي اداري ۾ 20 ارب روپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي، مون تي ان حوالي سان تمام گهڻو دٻاءُ به آهي پر اسان دٻاءُ قبول نه ڪري رهيا آهيون ۽ کين سزا ڏيارڻ چاهيون ٿا.هن چيو ته 40 هزار کان گهٽ اجرت تي مزدور ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏين، وزارت بچائڻ لاءِ پنهنجو منهن ڪارو نٿو ڪري سگهان ۽ مان 10 ڀيرا وزارتن کي لت هڻي سگهان ٿو. سعيد غني جو چوڻ هو ته سڀ کان پهرين سنڌ حڪومت آهي جنهن هوم بيسڊ ورڪرز (گھرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن) کي تسليم ڪيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن اسان آئيڊيلزم (تصور پسندي) ڏانهن هليا ويندا آهيون. مان پاڻ به هڪ اداري جو برطرف ٿيل ملازم آهيان، منهنجي ڏاڏي پاڻ دڪان هلائيندي هئي ۽ هن منهنجي والد ۽ اسان کي پڙهايو.

پهنجو تبصرو موڪليو