لاهور (ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪيو ويو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نفرت ۽ انتشار پيدا ڪري ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهيو ويو.عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ٻين سياسي پارٽين سان سٺا لاڳاپا رکون.هن اهو به چيو ته اڄ اقبال جي فڪر تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اقبال جو ڪلام امت مسلمه کي متحد ڪرڻ جو وسيلو آهي. اڄ مشرقي شاعر علامه اقبال جو 147 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي لاهور ۾ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ڪئي وئي.پاڪ بحريه جو ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ريئر ايڊمرل اظهر محمود تقريب جو خاص مهمان هو.ان موقعي تي پاڪ بحريه جي دستا مزار اقبال تي اعزازي گارڊ جا فرض سنڀاليا.










