ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي) ٽنڊو محمد خان ۾ منشيات جي سرعام وڪرو ٿيڻ جي خلاف سول سوسائٽي ۽ نوجوان شاگردن پاران پريس ڪلب جي سامهون احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي عمران ميمڻ، شهريار خاصخيلي، فهيم ڪربلائي، صوفي دلدار سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊو محمد خان ۾ مين پڙي، گٽڪو ۽ ڪچو شراب سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن ڪري نوجوان نسل تباهه ٿي رهي آهي منشيات جو ڪاروبار سياسي ڪامورن جي نگراني ۾ هلي رهيو آهي منشيات فروش جنهن به پوليس آفيسر کي چاهين بدلي ۽ ٽرانسفر ڪرائي سگھن ٿا هنن مطالبو ڪيو ته اسماع يل مشهوري سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جيڪو به معاملو ٿيو آهي ان جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي










