ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جو چوڻ آهي ته ڪي پي جو وڏو وزير چئي رهيو آهي ته هو جڏهن چاهي پاراچنار جو مسئلو حل ڪندو،خدا جي مرضي آهي ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير مسئلو حل ڪري،خاص ڳالهه ٻولهه دوران سعديه جاويد چيو ته سنڌ جي وڏي وزير احتجاج ڪندڙن کي هڪ جاءِ تي ويهڻ لاءِ چيو آهي، اسان سهولت فراهم ڪنداسين،سندس چوڻ هو ته سرڪاري ملڪيتن کي باهه ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس تي حملو ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. سعديه جاويد اهو به چيو آهي ته ڪنهن کي به انتشار پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت ٻي ڌر سان به ڳالهائي رهي آهي، وضاحت ڪئي پئي وڃي.










