ڪرم (م ڊ) ضلعي ڪرم ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ٻن قبيلن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ ضلعي انتظاميا موجب ڪرم ضلعي جي علائقي بوشهر ۽ مالڪ خيل ۾ رهندڙ قبيلن وچ ۾ زميني تڪرار تان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ خودڪار هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو.پوليس موجب، راڪيٽ حملو پڻ هڪ گروپ طرفان ڪيو ويو، جنهن ۾ پيءُ ۽ پٽ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جهڙپ ۾ ٻنهي طرفن جا 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله جو چوڻ آهي ته جنگبندي لاءِ ڪوششون جاري آهن، پارٽين جا اڳواڻ به سيز فائر لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.










