ملڪ ۾ گئس جو بحران، بندش، پريشر گهٽ ٿيڻ جو شڪايتون

ملڪ ۾ گئس جو بحران، بندش، پريشر گهٽ ٿيڻ جو شڪايتون

لاهور: (ويب ڊيسڪ) خطي ۾ جنگ جي ڪري پاڪستان ۾ گئس جو بحران شديد ٿي ويو آهي.لاهور سميت پنجاب ۾ گئس جي بندش ۽ گهٽ دٻاءُ جون شڪايتون وڌڻ لڳيون آهن، درآمد ٿيل گئس ايل اين جي جي سپلاءِ سخت متاثر ٿي آهي، سوئي ناردرن جي گئس جي کوٽ 700 ملين ڪيوبڪ فوٽ کان وڌي وئي آهي.ذريعن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهٽتائي 900 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهچي سگهي ٿي، گهٽتائي وڌڻ سبب سي اين جي شعبي کي گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، گهريلو صارفين کي به پچائڻ جي ڪلاڪن دوران صرف ڪجهه ڪلاڪن لاءِ گئس ملي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو