راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي قيام تائين دهشتگردي خلاف جنگ قومي عزم سان جاري رهندي.پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي فوجي اعزاز ڏيڻ لاءِ جي ايڇ ڪيو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جا خاص مهمان فيلڊ مارشل عاصم منير هو. فيلڊ مارشل شهيدن جي وارثن جي ثابت قدمي، وقار ۽ حوصلي کي ڀيٽا پيش ڪندي شهيدن جي بي مثال قربانين ۽ وطن سان لازوال وابستگي کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل شهيدن جي وارثن، آفيسرن ۽ جوانن کي اعزازن سان نوازيو، جڏهن ته آپريشنز ۾ غير معمولي بهادري ۽ وطن لاءِ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ مختلف اعزاز، جن ۾ 50 ستارا امتياز ۽ 12 تمغا بسالت شامل آهن، عطا ڪيا ويا. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته شهيد ۽ غازي قوم جو لازوال فخر آهن، شهيدن جي عزت ۽ قرباني هر پاڪستاني لاءِ مقدس امانت آهي ۽ مادرِ وطن جو امن ۽ سلامتي شهيدن جي عظيم قربانين ۽ اٽل عزم جو نتيجو آهي. فيلڊ مارشل پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشنل تياري ۽ غير متزلزل عزم کي پڻ ساراهيو.










