ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو آپريشن مڪمل طور تي بند

ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو آپريشن مڪمل طور تي بند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو آپريشن مڪمل طور تي بند ڪيو ويو. وفاقي حڪومت جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو آپريشن مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز به آپريشن بند ڪرڻ جي حڪمن جي منظوري ڏيندي اداري جون سموريون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن. سڄي ملڪ جي اسٽورن تي شين جي خريد ۽ وڪري جو عمل اڄ کان مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي ۽ اداري جي سڀني اسٽورن تان کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو سامان ويئر هائوسز ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو