ملڪ ۾ گرينڊ ڊائيلاڳ جي ضرورت آهي: حافظ نعيم الرحمان

ملڪ ۾ گرينڊ ڊائيلاڳ جي ضرورت آهي: حافظ نعيم الرحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ وڏي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان سميت ڪجهه معاملا غور هيٺ آهن.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ امن لاءِ وڏي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي.امير جماعت اسلامي چيو ته باجوڙ ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ کي نشانو بڻايو ويو، هن وقت سڄي خيبرپختونخواهه ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي.هنن چيو ته امن امان جي ذميواري حڪومت جي آهي، اسان کي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهم معاملن تي گڏ نه ويهنداسين ته مسئلا حل نه ٿيندا.هن چيو ته اها افغانستان جي ذميواري ناهي ته هو پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو