ملڪ کي دشمنن کان وڌيڪ نقصان عمران خان پهچايو: وزير

ملڪ کي دشمنن کان وڌيڪ نقصان عمران خان پهچايو: وزير

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ کي جيترو نقصان عمران خان پهچايو ڪو دشمن به نٿو پهچائي سگھي.لاهور ۾ چيمبر آف ڪامرس ۾ خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ايندڙ وقت ۾ حڪومت نالي شيءِ غير اثرائتي ٿي ويندي، هاڻ پرائيويٽ سيڪٽر ملڪ کي اڳتي وٺي ويندا، اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ته اسان کي سيڙپڪاري گھربل آهي جنهن لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر کان مدد وٺڻي پوندي.هن چيو ته جڏهن اسان ويا هئاسين تڏهن ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب هئي، ملڪ کي جيترو نقصان عمران خان پهچايو ڪو دشمن به نٿو پهچائي سگھي، گذريل چئن سالن ۾ سي پيڪ تي مجرماڻي غفلت ٿي آهي، چئن سالن ۾ هڪ ڊالر ٻاهرين ملڪ کان سي پيڪ تي پاڪستان ناهي آيو.احسن اقبال جو چوڻ هو ته دنيا ۾ جنهن ملڪ ترقي ڪئي اتي برآمد وڌي، اسان کي ٽيڪس ڪليڪشن کي به ٻيڻو ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اسان جي 1500 ارب رپين جي دفاعي بجيٽ ۽ 530 ارب رپيا پينشن جي بجيٽ آهي، ٽيڪس روينيو کي 15 ويهه ارب تائين وٺي وڃڻو پوندو.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جڏهن پاڪستان آمريڪا جي ضرورت هيو تڏهن اسان ڪو فائدو نه ورتو، اسان جو اقتدار ۾ مدو 9 سال آهي، اسان جي حڪومت سدائين بحران جي ڪيفيت ۾ رهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت کي تسلسل سان هلڻ ڏنو وڃي ها ته حالتون بهتر هجن ها ڇاڪاڻ ته سياسي استحڪام ۽ اقتصادي پاليسين جو تسلسل ملڪي ترقي جو راز آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو