مليريا خلاف نئين اثرائتي دوا جو تجربو ڪامياب ٿي ويو

مليريا خلاف نئين اثرائتي دوا جو تجربو ڪامياب ٿي ويو

ٽو‌رونٽو(ويب ڊيسڪ)مليريا خلاف نئين اثرائتي دوا ايجاد ٿي وئي آهي. نووارٽس ڪمپني آفريڪا ۾ ڪلنيڪل ٽرائلز ۾ بهترين نتيجو ڏنو آهي. تقريباً چوٿائي صدي کان مليريا جي علاج لاءِ هڪ ئي قسم جي دوا تي ڀروسو ڪيو ويندو رهيو آهي. آرٽيميسينن تي ٻڌل گڏيل علاج (Artemisinin-based Combination Therapies – ACTs)، جيڪي آرٽيميسينن يا ان جي نڪتل جزن کي “ساٿي دوا” سان گڏ استعمال ڪن ٿيون، جيڪي تمام گهڻيون اثرائتيون رهيون آهن، پر Plasmodium falciparum، جيڪو مليريا جو سڀ کان خطرناڪ قسم جو پيراسائيٽ آهي، هاڻي آهستي آهستي آرٽيميسينن جي دوا خلاف مزاحمت پيدا ڪري رهيو آهي. هاڻي دنيا کي شايد پنهنجي سڀ کان مهلڪ بيمارين مان هڪ مليريا جي خلاف هڪ نئون هٿيار ملي ويو آهي. آفريڪا ۾ هڪ وڏي ڪلينڪل ٽرائل ۾، نووارٽس ڪمپني پاران تيار ڪيل نئين دوا KLU156 اهو ڏيکاريو آهي ته اها مليريا جي علاج ۾ عام طور استعمال ٿيندڙ ACT جيتري ئي مؤثر دوا آهي. هارورڊ ٽي. ايڇ. چان اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي مليريا ماهر ديان ورٿ چيو، “هي هڪ انتهائي اهم اڳڀرائي آهي.” هو هن تحقيق جو حصو نه هو پر سندس چوڻ آهي ته “اسين ڊگهي عرصي کان اهڙي نئين دوا جي تلاش ۾ هئاسين.”ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻي هڪ اهم بحث اڳتي وڌندو. ڇا نئين دوا کي تڏهن استعمال ڪيو وڃي، جڏهن موجوده ACT ناڪام ٿيڻ شروع ٿئي، يا ان کان اڳ ئي، ته جيئن اهڙي حالت کان بچي سگهجي.
آرٽيميسينن ۽ ان جو پسمنظر
آرٽيميسينن هڪ ٻوٽي سوئيٽ ورم وڊ (Sweet Wormwood) مان الڳ ڪيو ويو، جيڪو صدين کان روايتي چيني دوائن ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي. ان جي دريافت تي چيني فارماسولوجسٽ يويو تُو (Youyou Tu) کي 2015 ۾ نوبل انعام ڏنو ويو. عالمي صحت واري اداري (WHO) 2001ع ۾ ACTs کي مليريا جي علاج لاءِ پهريون اختيار قرار ڏنو، ۽ 2006ع ۾ ان کي عالمي سطح تي رائج ڪيو.
نئين دوا جو پسمنظر
هي نئين دوا هڪ مختلف ڪهاڻي رکي ٿي. ان جو بنيادي جزو گيناپلي سائيڊ (Ganaplacide)، نووارٽس جي ماهرن پاران ٻه ملين کان وڌيڪ ڪيميڪل جزن جي جاچ بعد تيار ڪيو ويو. اها دوا مليريا جي پيراسائيٽ کي انتهائي مؤثر طريقي سان ماريندي آهي، غالباً پروٽين ٺهڻ جي معيار تي اثر انداز ٿئي ٿي، پر اڃا مڪمل طور تي واضح ناهي ته اهو ڪيئن ڪم ڪري ٿي؟ KLU156 ۾ گيناپلي سائيڊ کي لوميفنٽرين (Lumefantrine) سان گڏايو ويو آهي، جيڪا هڪ پراڻي مليريا مخالف دوا آهي ۽ اها دنيا ۾ سڀ کان گهڻي استعمال ٿيندڙ ACT (Coartem) ۾ پڻ شامل آهي.
ڪلينڪل ٽرائل جا نتيجا
نئين تحقيق ۾ آفريڪا جي 12 ملڪن مان 1600 کان وڌيڪ مليريا مريضن کي شامل ڪيو ويو، جن کي 3 ڏينهن تائين KLU156 يا Coartem ڏنو ويو. نتيجن موجب KLU156 سان علاج ڪرايل 99.2٪ مريض مڪمل صحتياب ٿيا، جڏهن ته Coartem سان 96.7٪ مريض ٺيڪ ٿيا. “هڪ اهڙي نئين دوا جيڪا آرٽيميسينن تي ٻڌل نه آهي ۽ ايتري ئي مؤثر ۽ محفوظ آهي، اهو ٻڌڻ سان ئي سُڪون اچي ٿو،” تحقيقاتي ٽيم جي ميمبر عبدالايه جِمڊي چيو، جيڪي مالي جي بامڪو يونيورسٽي ۾ مليريا جا ماهر آهن. آفريڪا تي مليريا جو سڀ کان وڏو بار آهي، 2023 ۾ لڳ ڀڳ دنيا ۾ مليريا جا 24 ڪروڙ 60 لک ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جن مان 5 لک 69 هزار ماڻهو فوت ٿيا هئا.
فائدا ۽ مسئلا
KLU156، Coartem جي ڀيٽ ۾ مليريا جي جنسي مرحلن (gametocytes) کي تيزيءَ سان ختم ڪيو، جيڪي مڇرن جي ذريعي انساني رت مان منتقل ٿين ٿا۔ ان ڪري ماهرن جو چوڻ آهي ته اها دوا مليريا جي ڦهلاءَ کي گهٽائڻ ۾ وڌيڪ ڪارگر ٿي سگهي ٿي. پر هڪ مسئلو به ڏٺو ويو: KLU156 وٺندڙ تقريباً 20٪ مريضن کي الٽي ٿي، جڏهن ته Coartem واري گروپ ۾ صرف 5٪ کي۔ ڪجهه مريضن ته دوا وٺڻ ئي ڇڏي ڏني۔ ماهرن چيو ته اهو مسئلو شروعاتي مرحلي ۾ وڌيڪ هو ۽ دوا جي ذائقي کي بهتر بڻائڻ تي ڪم هلي رهيو آهي.
مزاحمت ۽ مستقبل جا خدشا
2009ع ۾، ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي سرحدي علائقن ۾ مليريا جي پيراسائيٽن ۾ آرٽيميسينن جي خلاف مزاحمت جا نشان ظاهر ٿيا، جيڪي K13 جين جي تبديلي سبب هئا، ۽ پوءِ اهو مزاحمتي جين آفريڪا تائين پهچي ويو. ACTs ٻن مرحلن ۾ ڪم ڪن ٿيون: تيزيءَ سان اثر ڪندڙ آرٽيميسينن پهرين پيراسائيٽ کي ختم ڪري ٿي، ۽ پوءِ ڊگهي اثر واري ساٿي دوا باقي پيراسائيٽس کي ماريندي آهي۔ پر جيڪڏهن آرٽيميسينن ڪمزور ٿي وڃي ته پيراسائيٽ وڌيڪ وقت تائين جسم ۾ رهندا آهن ۽ ساٿي دوا لاءِ به مزاحمت پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي. نئين دوا KLU156، انهن مزاحمتي جين (K13) وارن پيراسائيٽن کي به تيزيءَ سان ختم ڪيو، جيڪو مزاحمت جي امڪان کي گهٽائي سگهي ٿو.
مستقبل لاءِ حڪمت عملي
ماهرن جو چوڻ آهي ته بحث جو مرڪز اهو ٿيندو ته KLU156 کي ڪڏهن استعمال ڪجي: فوري طور تي يا تڏهن جڏهن موجوده علاج ناڪام ٿي وڃن. ڪجهه علائقن ۾، جتي K13 مزاحمتي جين تمام عام ٿي چڪا آهن، اتي نئين دوا کي جلد متعارف ڪرائڻ مفيد ٿي سگهي ٿو. نووارٽس چيو آهي ته اها دوا غيرمنافع بنياد تي ملڪن تائين پهچائڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ ايندڙ هڪ کان ٻن ورهين ۾ ان جي منظوري حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. “صحت عامه جي لحاظ سان، هي هڪ وڏو ساهه کڻڻ جهڙو رليف آهي،” جارج جاگو چيو، جيڪو Medicines for Malaria Venture سان لاڳاپيل آهي ۽ هن دوا جي ترقي ۾ مدد ڪئي۔

پهنجو تبصرو موڪليو