ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي عوام لاءِ 65 سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل ڊيڪر بسون شروع ڪيون ويون آهن۔ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس جو افتتاح ڪيو۔ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان واعدو ڪيو هو ته ڊسمبر 2025 ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ڪراچي جي روڊن تي نظر اينديون، ۽ اڄ 31 ڊسمبر تي اهو واعدو پورو ٿي ويو آهي۔ هن سڄي پاڪستان کي نئين سال جون اڳواٽ مبارڪون ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته نئين سال ۾ ٽرانسپورٽ جون وڌ کان وڌ سهولتون پوري سنڌ جي عوام کي مهيا ڪيون وڃن۔ هن منصوبي جي شروعات ڪراچي کان ڪئي وئي آهي۔ هن ٻڌايو ته اڄ ڊبل ڊيڪر بسن جي آزمائشي سروس شروع ڪئي وئي آهي ۽ سڀاڻي کان عوام باضابطه طور انهن بسن ۾ سفر ڪري سگهندا۔ وزيرِاعليٰ سنڌ جي هدايتن موجب حڪومت جو هدف آهي ته 2026 دوران ڪراچي جي وڌ کان وڌ سڙڪن تي ڊبل ڊيڪر بسون هلايون وڃن۔ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اي وي بسن جا نوان روٽس ايندڙ هفتي ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ شروع ڪيا پيا وڃن۔ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي هدايتن مطابق ٽرانسپورٽ کي عوام جي بنيادي ضرورت سمجهي اهڙا منصوبا متعارف ڪرايا پيا وڃن، جن سان عام ماڻهو کي حقيقي فائدو پهچي۔ ايئر ڪنڊيشنڊ بسون، گهٽ ڀاڙي واريون سروسون ۽ هر مسافر لاءِ ڀاڙي ۾ سبسڊي فراهم ڪرڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته عوام کي سهولت ملي۔ هن چيو ته هن وقت پيپلز بس سروس ذريعي روزانو سوا لک ماڻهو سفر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اورنج لائن ۽ گرين لائن بي آر ٽي مان لڳ ڀڳ 75 هزار مسافر فائدو حاصل ڪري رهيا آهن۔ انهن سروسز کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ سان روزانو هڪ لک تائين ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته مختلف روٽن تي روزاني بنياد تي سهولتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت جو هدف آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۽ هر وڏي روڊ تي بس سروس متعارف ڪرائي وڃي۔ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيرِ بلديات سيد ناصر حسين شاهه، ميئر ڪراچي سان گڏجي ڪراچي لاءِ وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن۔ سنڌ ڪابينا ڪراچي جي صنعتي علائقن جي روڊن لاءِ 9 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي۔ شاهراهه ڀٽو، لنڪ روڊ، ريڊ لائن بي آر ٽي، ييلو لائن بي آر ٽي سميت ڪيترائي ميگا منصوبا مارچ 2026 تائين مڪمل ٿيڻ وارا آهن۔ روڊن جي بهتري هڪ وڏو چيلينج آهي، تنهن هوندي به وزيرِاعليٰ سنڌ جي خاص توجهه سان هن معاملي تي تيزي سان ڪم جاري آهي۔ تقريب ۾ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مصطفىٰ عبداللہ بلوچ پڻ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪنول نظام ڀٽو، پيپلز بس سروس جي سي اي او صهيب شفيق، آپريشنل مينيجر عبدالشڪور ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا۔










