ملتان سلطانز جي نمائندگي جو شاندار تجربو رهيو، اسٽيو سمٿ

ملتان سلطانز جي نمائندگي جو شاندار تجربو رهيو، اسٽيو سمٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آسٽريلوي اسٽار بيٽسمين اسٽيو سمٿ پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪرڻ کي هڪ شاندار تجربو قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته هو هتي پنهنجي وقت جو ڀرپور مزو وٺي رهيو آهي. اڱاري ڏينهن، ملتان سلطانز پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ راولپنڊي کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 2 اهم پوائنٽس حاصل ڪيا ۽ ٽيبل ۾ ٻئي نمبر تي پهچي ويا راولپنڊي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ ملتان سلطانز اسٽيو سمٿ جي شاندار ففٽي جي بدولت 18.4 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان هدف حاصل ڪري ورتو. راولپنڊي ميچ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾، سمٿ چيو ته گذريل مهينو ملتان سلطانز سان شاندار رهيو آهي ۽ ٽيم شاندار ڪرڪيٽ کيڏي آهي.اوپننگ رول بابت ڳالهائيندي، هن چيو ته هي پوزيشن سندس راند جي انداز سان مناسب آهي ڇاڪاڻ ته اهو پاور پلي دوران وڌيڪ موقعا فراهم ڪري ٿو.سمٿ پي ايس ايل کي هڪ مضبوط ۽ باصلاحيت ليگ قرار ڏيندي چيو ته هر ٽيم ۾ معياري رانديگر آهن ۽ مقابلو انتهائي سخت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو