اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ (اپر هائوس) مفت ۽ لازمي تعليم ترميمي بل 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي تحت اسڪول جي نصاب ۾ وڏي تبديلي ڪئي وئي آهي، ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪوڊنگ کي هاڻي لازمي مضمون قرار ڏنو ويو آهي.سينيٽ جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر شيري رحمان جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ مفت ۽ لازمي تعليم ترميمي بل 2026 پيش ڪيو ويو.ترميمي بل موجب، پروگرامنگ سکڻ هاڻي ابتدائي کان هاءِ اسڪول تائين سڀني شاگردن لاءِ قانوني طور تي لازمي هوندو، جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم هاڻي هر شاگرد جو بنيادي حق بڻجي چڪي آهي.بل موجب، مفت ۽ لازمي تعليم جي حق ايڪٽ 2012 ۾ ترميم ڪندي، ڪمپيوٽر جي تعليم کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ڪوڊنگ ۽ ڪمپيوٽر سائنس کي اسڪولن ۾ بنيادي تعليم جو حصو بڻايو ويو آهي.بل جو مقصد شاگردن کي عالمي نوڪري مارڪيٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي دور لاءِ تيار ڪرڻ آهي. هاڻي صرف پڙهڻ ۽ لکڻ ڪافي ناهي، هر شاگرد کي ڪمپيوٽر پروگرامنگ به سکڻي پوندي.سينيٽ پاران منظور ڪيل ترميمي ايڪٽ فوري طور تي لاڳو ٿي ويو آهي.
پاڪستان نرسنگ ۽ مڊوائفري بل منظور
پاڪستان نرسنگ ۽ مڊوائفري بل سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو ووٽنگ کان پوءِ ايوان پاران منظور ڪيو ويو.وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال ايوان کي ٻڌايو ته جيڪڏهن بل اڄ منظور نه ٿيو ته ان جي مدت ختم ٿي ويندي.اجلاس دوران سينيٽر شهري رحمان چيو ته ميمبرن جي راءِ آهي ته بل کي وڌيڪ غور لاءِ ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي.بل کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ ۽ ان جي فوري منظوري بابت ايوان ۾ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان 13 ووٽ ڏنا ويا.برابري جي صورت ۾، پريزائيڊنگ آفيسر شيري رحمان بل جي حق ۾ فيصلو ڪندڙ ووٽ ڏنو، جنهن کان پوءِ ايوان پاڪستان نرسنگ ۽ مڊوائفري بل منظور ڪري ورتو.
12 اسٽينڊنگ ڪميٽين کي رپورٽون جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ 60 ڏينهن جي مهلت
سينيٽ جي اجلاس ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته ڪيتريون ئي سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽيون مقرر وقت اندر پنهنجون رپورٽون جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيون، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل ڪميٽين وڌيڪ وقت جي درخواست ڪئي.درخواست ۾، ڪابينا، اوورسيز، استحقاق، سامونڊي معاملا، صحت ۽ غربت جي خاتمي سميت مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين پنهنجون رپورٽون جمع ڪرائڻ جي مدت ۾ واڌ جي درخواست ڪئي آهي.سينيٽ جي اجلاس دوران، 12 اسٽينڊنگ ڪميٽين لاءِ رپورٽون جمع ڪرائڻ جي مدت ۾ 60 ڏينهن واڌ لاءِ تحريڪون پيش ڪيون ويون، جن کي ايوان منظور ڪيو.










