معذور ڪوٽا تي نوڪرين لاءِ 71 نوجوانن جا انٽرويو

معذور ڪوٽا تي نوڪرين لاءِ 71 نوجوانن جا انٽرويو

نوشهرو فيروز ( ڊ. ر) ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن( ر) بلال شاهد رائو اڄ پنهنجي آفيس ۾ هائي ڪورٽ سنڌ جي حڪم تي سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو معزور ماڻهن کي نوڪري ڏيارڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ انٽرويو ڪيا. ان موقعي تي هن ٻڌايو ته ضلعي مان 71 اميدوارن انٽرويو ۾ حصو ورتو. اميدوارن جي گهڻي تعداد گريجويٽ هئي جن کي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ۽ قانون مطابق سڀني ضروري ڪارواين کان پوءِ سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون. انٽرويو ۾ اسپيشل ايجوڪيشن جي وائس پرنسپل محمد اسلم دراني ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو