اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) چيو آهي ته پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدو (SLA) ٿي ويو آهي. بورڊ جي منظوري بعد پاڪستان کي ٻن قرض پروگرامن جي مد ۾ 3.3 ارب ڊالر جي قسط جاري ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان کي پنهنجي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي (EFF) هيٺ 1 ارب ڊالر ۽ ريزيلئنس اينڊ سسٽينيبليٽي فيسليٽي (RSF) هيٺ 200 ملين ڊالر فراهم ڪندو، جنهن سان ٻنهي پروگرامن تحت ڪل رقم تقريباً 3.3 ارب ڊالر تائين پهچي ويندي. گذريل هفتي، آءِ ايم ايف جي مشن، جنهن جي اڳواڻي آئيوا پيٽرووا (Iva Petrova) ڪري رهي هئي، پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون مڪمل ڪيون.آءِ ايم ايف جي طرفان اربع ڏينهن سوير جاري ڪيل بيان ۾ پيٽرووا چيو ته اسٽاف ليول معاهدو اڃا تائين IMF ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري جو منتظر آهي. پيٽرووا موجب، “EFF جي سهڪار سان، پاڪستان جو معاشي پروگرام ميڪرو اقتصادي استحڪام کي مضبوط ڪري رهيو آهي ۽ مارڪيٽ جو اعتماد ٻيهر بحال ڪري رهيو آهي.” هن چيو ته “مالي سال 2025 جي موجوده حسابن ۾ 14 سالن بعد پهريون ڀيرو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي، مالي خسارو پروگرام جي هدف کان بهتر رهيو، مهانگائي قابو ۾ رهي، پرڏيهي ناڻي جو ذخيرو وڌيو، ۽ مالي حالتون بهتر ٿيون آهن.” هن وڌيڪ چيو ته تازين ٻوڏن ملڪ جي خاص طور تي زرعي شعبي تي منفي اثر وڌو آهي، جنهن ڪري مالي سال 2026 جي مجموعي قومي پيداوار (GDP) جو اندازو 3.25٪ کان 3.5٪ تائين گهٽايو ويو آهي. هن متاثر ٿيل ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين، خانگي شعبي ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي سهڪار ۽ مهمان نوازي لاءِ شڪرگذار آهي. ‘پاڪستان ذميوار معاشي پاليسين کي برقرار رکڻ ۽ سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جو واعدو ورجايو’. پيٽرووا چيو ته پاڪستاني اختيارين پنهنجي واعدي کي ٻيهر ورجايو ته هو EFF ۽ RSF پروگرامز کي ذميواري سان جاري رکندا، ۽ سٺي مالي پاليسي ۽ ڍانچي جي سڌارن کي اڳتي وڌائيندا. هن چيو ته حڪومت مالي سال 2026 ۾ 1.6٪ GDP جي بجيٽري سرپلس جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جنهن لاءِ ٽيڪس پاليسي ۽ عملداري ذريعي آمدني وڌائڻ جا قدم جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏن سبب متاثر علائقن ۾ صوبائي ۽ وفاقي بجيٽن مان رقم ٻيهر مختص ڪري هنگامي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. پيٽرووا ٻڌايو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) کي وڌائڻ، ان جي اداري جي گنجائش بهتر ڪرڻ ۽ سماجي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي به ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت صحت ۽ تعليم جي خرچن ۾ اضافو ڪندي، خاص طور تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي، ته جيئن سڀني لاءِ جامع ترقي ۽ سماجي تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.پيٽرووا ٻڌايو ته ٽيڪس پاليسي جي ڊيزائن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نئين ٽيڪس پاليسي آفيس قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا وچ مدي وارن سڌارن جي اڳواڻي ڪندي، ٽيڪس ڪوڊ کي آسان بڻائيندي ۽ غير منظم اپائن تي ڀاڙڻ گهٽائيندي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (SBP) بابت هن چيو ته بئنڪ مهانگائي کي 5–7٪ جي هدف اندر رکڻ لاءِ محتاط مالي پاليسي جاري رکندي، ۽ جيڪڏهن قيمتن ۾ دٻاءُ وڌيو ته پاليسي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ تيار آهي. بجلي جي شعبي بابت پيٽرووا چيو ته حڪومت گردشي قرض جي ٻيهر وڌڻ کي روڪڻ لاءِ وقت سر ٽيرف ۾ تبديليون آڻڻ، غير مؤثر بجلي ڪمپنين جي نجيڪاري، ٽرانسميشن نظام کي اپگريڊ ڪرڻ، ۽ بجلي جي مارڪيٽ کي مقابلي واري نظام ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن زور ڏنو ته سرڪاري ادارن جي سڌارن، انتظامي شفافيت، ۽ نجي شعبي جي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. آخر ۾، پيٽرووا چيو ته تازين ۽ 2022 جي ٻوڏن واضح ڪيو آهي ته پاڪستان کي آبهوا جي تبديلي جي خطري جي خلاف وڌيڪ مزاحمتي پاليسين جي ضرورت آهي.










