مظفرآباد ۾ عوامي ايڪشن ۽ وفاقي ڪميٽي جون ڳالهيون ختم

مظفرآباد ۾ عوامي ايڪشن ۽ وفاقي ڪميٽي جون ڳالهيون ختم

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) مظفرآباد ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ وفاقي مذاڪراتي ڪميٽي جا ڳالهيون ختم ٿي ويون، عوامي ايڪشن ڪميٽي 9 جون تي هڙتال ۽ لانگ مارچ جي ڪال برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله چيو ته مذاڪرات ناڪام ناهن ٿيا، ڪنهن به وقت ٻيهر ٿي سگهن ٿا، آزاد ڪشمير جون چونڊون آئين موجب ٿينديون، رانا ثناءُ الله چيو ته آزاد ڪشمير حڪومت ان صورتحال ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس (APC) سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 6 يا 7 جون تائين ٻيهر گڏجاڻي (ميٽنگ) ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب، آزاد ڪشمير ۾ مهاجرن جي 12 سيٽن جي خاتمي سميت عوامي ايڪشن ڪميٽي جي 38 نڪاتي چارٽر آف ڊيمانڊ (مطالبن جي ياداشت) تي مذاڪرات ٿيا، ذريعن موجب، مذاڪرات کانپوءِ ئي آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو.ياد رهي ته مذاڪرات ۾ رانا ثناءُ الله، قمر زمان ڪائره، راجا پرويز اشرف، احسن اقبال، وزيراعظم آزاد ڪشمير (فيصل ممتاز راٺوڙ) ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو