ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مقامي عدالت مصطفيٰ امير جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ مقتول جي قبر کوٽڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جاچ آفيسر پاران مقتول مصطفيٰ امير جي قبر کوٽڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ عدالت قبر کوٽڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته صحت سيڪريٽري قبرڪشائي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي، قبرڪشائي مڪمل ڪري ۽ 7 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪري.










